ساهتي لائبرري

ساهتي لائبرري: هيءَ لائبرري، ساهتي پرڳڻي جي حوالي سان ٺارو شاهه شهر ۾ قائم ڪئي وئي هئي، جيڪا لائبرري بعد ۾نوابشاهه شهر جي مهراڻ ڪالونيءَ ۾ قائم ڪئي وئي. هن لائبرريءَ جو روح روان بشير احمد هيسباڻي آهي. وٽس ناياب ڪتابن جو تمام وڏو ذخيرو گڏ ٿيل آهي. ساهتي لائبرريءَ ۾ گھڻو ڪري پراڻي زماني کان وٺي موجوده دور تائين، سنڌي ٻوليءَ جا اڻ ڳڻيا ڪتاب موجود آهن. ان کانسواءِ هن لائبرريءَ ۾ عربي، فارسي، اردو ۽ انگريزي ڪتابن جو به ذخيرو موجود آهي ۽ ڪيترن سنڌي ناياب ڪتابن جا نسخا فوٽو اسٽيٽ ڪرائي خوبصورت جلدن سان محفوظ ڪيا ويا آهن. سنڌي ڪتابن جي حوالي سان نوابشاهه جي هيءَ منفرد لائبرري آهي. ساهتي لائبرريءَ ۾ تاريخ، ثقافت، ادب، شاعري، اسلاميات، ٻولي، گرامر ۽ لغت کانسواءِ اڪثر رسالن جا مڪمل شمارا موجود آهن. تحقيق جي حوالي سان هن لائبرريءَ مان ڪيترا علم دوست مطالعو ڪري پي. ايڇ. ڊي ۽ ٻين تعليمي امتحانن لاءِ لاڀ حاصل ڪندا رهن ٿا. هن لائبرريءَ ۾ 20 هزارن کان به مٿي ڪتاب موجود آهن. هيءَ لائبرري، نوابشاهه شهر جي بهترين ڪتبخانن مان هڪ آهي. ان کان سواءِ خانواهڻ شهر ۾ سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻ ۽ نجم عباسيءَ جي ڀاءُ ميجر امان الله عباسي ۽ ٻين 15 سيپٽمبر 1984ع تي پڻ ساهتي لائبرري قائم ڪئي هئي، جنهن جي جڳهه پڻ امان الله عباسيءَ ڏني. هن لائبرريءَ ۾ 50 ميمبر آهن ۽ هن وقت 5000 کان مٿي ڪتاب موجود آهن. هن لائبرريءَ پاران ساهتي سوشل ويلفيئر آرگنائيزيشن قائم ڪري سماجي ڀلائيءَ جي ڪمن سان گڏ ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جي ڪهاڻين جو ڪتاب ’منهنجون بهترين ڪهاڻيون‘
(1990ع)ڇپايو ويو. هن وقت لائبرري غلام نبي ناشاد سنڀالي ٿو.


لفظ ساهتي لائبرريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو